پيار پناهون ڇانورا

پيار پناهون ڇانورا (ڪتاب): هي ڪتاب ڪهاڻيڪار ۽ ناول نويس ماهتاب محبوب جو ناول آهي، هن ناول جو انتساب ’بدر عباسيءَ‘ جي نالي ٿيل آهي، هن ناول ۾ معاشري تي ڏينهون ڏينهن حاوي ٿيندڙ، ماڊرن ڪلچر ۽ پراڻين ريتن روايتن وچ ۾ ٽڪراءُ ۽ ان جي نتيجي ۾پيدا ٿيل سوچون ۽ تڪڙيون تبديليون آهن، هي ناول انهن تبديلين ۽ خرابين جي ترجماني ڪرڻ جي هڪ ننڍڙي ڪوشش آهي، 168 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 100 رپيا آهي، جنوري 2001ع ۾ نيو فيلڊس پبليڪيشن حيدرآباد هن ڪتاب کي ڇپائي پڌرو ڪيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو